SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ترقي پسندي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ترقي پسندي

(Progressivism)

يورپ تي مذهبي انتها پسندي، رجعت پسندي ۽ جبر جي نتيجي ۾ اڀريل روشن خياليءَ واري نظرئي کي ’ترقي پسندي‘ سڏيو ويو. ڪٽر جاگيرداري’ءَ جي جاءِ تي برطانوي انقلاب ۽ 1789ع واري فرانس جو انقلاب ترقي پسند عمل هئا. روس ۾ ولادمير لينن (1870-1924ع) جي قيادت ۾ 1917ع ۾ آيل انقلاب کي ترقي پسند انقلاب سڏيو ويو. مطلب ته غلامانه دور ۾ جاگيرداري سماج جي تصور ۽ ان خلاف ٿيندڙ جاکوڙ کي ترقي پسند نظريو سمجھيو ويندو آھي. جاگيرداريءَ جي خاتمي کان پوءِ سرمائيداري نظام خلاف جدوجھد بھ ترقي پسنديءَ جو نظريو چئجي ٿو. سرمائيدارانه سماج مان جان ڇڏائڻ لاءِ اشتراڪي تحريڪ يا ”ڪميون سسٽم“ (Commune System) کي وڌيڪ ترقي پسنداڻي سوچ ڪوٺيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ تبديليءَ جو عنصر انسان جو مکيھ متو رھيو اھي. ان ڪري ھر ايندڙ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ کي ترقي پسند سوچ سان سلهاڙي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ روس جي انقلاب کان پوءِ ترت ئي ترقي پسنديءَ جو لاڙو ادب تي غالب رهيو، جنهن جو عروج 1940ع کان 1958ع تائين رهيو. ترقي پسند هندو سنڌي اديبن وٽ 1948ع کان پوءِ هي لاڙو 10 سال ڀرپور رهيو. ان بعد ترقي پسند سوچ وارن اديبن جي تحرير ۾ ته ان جا اهڃاڻ ملن ٿا، البت اڪثر اديبن جون ٻه پيڙهيون رومانواد، جديديت (ماڊرنزم) ۽ بعد جديديت (پوسٽ مارڊنرزم) جون حامي رهيون آهن. پر سنڌ ۾ جيئن ته جاگيرداري سماج جا پير مضبوط رهيا آهن، ان ڪري سنڌ جي اڪثر اديبن تي ترقي پسندي ۽ ماڊرنزم جو گڏيل لاڙو غالب رهيو آهي. ترقي پسند تحريڪ هيٺ سنڌي ادب ۾ هاري ۽ پورهيت کي سماج جو بنيادي ايڪو سمجهندي سرمائيدار ۽ زميندار جي ظلم کي ننديو ويو آهي.


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


ترقي پسندي

Progressivism


Remember Me Also:

ڇتر ورن

ذ. صفت. هُنرمند. دغابازُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal